اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته تعليم هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، استادن جي تربيت، مفت تعليم، سفري سهولتون ۽ ۽ آن لائن تعليم جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي نياڻين ۾ ت??ليم جي شرح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ڪنوينشن سينٽر ۾ ”مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته بدقسمتي سان مسلم معاشري ۾ نياڻين جي اڪثريت تعليم جي حق کان محروم رهجي وڃي ٿي، ان جو وڏو سبب ڪلچر ۽ مذهب جي غلط تشريح آهي. هن چيو ته اسان کي تعليم کي پنهنجو ورثو سمجهڻو پوندو. حڪومت خاص طور نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ ت??ليم جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هن ڪانفرنس ۾ نياڻين جي تعليم تي غور ??رڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون ۽ مون کي اميد آهي ته نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏئي قابل عمل حل تلاش ??رڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ استادن جي تربيت مفت تعليم جي فراهمي سان انهن جي تعليمي ادار?? تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ مفت سفري سهولتن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته آن لائن تعليمي سهولتون به ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. اسان کي گهرجي ته معاشري ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪريون جنهن سان عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ٿين.