اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪا به شيءَ آئين ۽ قانون کان مٿانهين نه آهي، ??ائ??ٽ ٽو فيئر ٽ??ائ?? کي يقيني بڻايو ويو آهي، ڪنهن به عدالتي حڪم ۾ عالمي معيارن ۽ مقامي قانونن ۽ آئين کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزي?? علي پرويز ملڪ ۽ ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وير چيو ته ڪا به شيءَ آئين ۽ قانون کان مٿانهين نه آهي، ڪنهن به عدالتي حڪم ۾ عالمي معيارن ۽ مقامي قانونن ۽ آئين کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. هن چيو ته پي آءِ اي جون يورپ لاءِ فلائيٽس به انهي لاءِ بحال ٿيون ته عالمي معيارن تي عملدرآمد ٿيو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ملٽري ڪورٽس جو هڪ نظام آهي، هتي ??ائ??ٽ ٽو فيئر ٽ??ائ?? يقيني بڻايو ويو آهي، ??ائ??ٽ ٽو فيئر ٽ??ائ?? ۾ وڪيل جو حق، رڪارڊ ۽ فيملي تائين پهچ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪنهن به عالمي قانون جي خلاف ورزي ناهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شگر انڊسٽري جو سدائين کان هولڊ رهيو آهي، اهي ايڪسپورٽ به ڪن ٿا، من ماني به ڪن ٿا، آخري ڀيروڪڏهن ائين ٿيو ته ملز جي اندر ايترا ڇاپا پيا هجن؟ هن چيو ته اسان جي دور ۾ پو??ي شگر انڊسٽري کي ??يگيوليٽ ڪيو ويو، شگر ملز جي اندر پيداواري صلاحيت کي چيڪ ڪيو ويو، اسٽاڪ جو جائزو ورتو ويو.