اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي ??ست??ڪام کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وفاقي وزير محمد اورنگز??ب کانسواءِ پيٽروليم ۽ صنعت ۽ واپار وارن سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گئس ڪمپنين جا سربراهه پڻ شريڪ ٿيا. ڪميٽ?? ڀاڻ جي قيمتن، اسٽاڪ ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ مشاهدو ڪيو ته ڀاڻ جو ڪافي ذخيرو دستياب آهي ۽ ان جون قيمتون مستحڪم آهن. ڪميٽ?? ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ گئس جي دستيابي جو جائزو ورتو ۽ ان کي اطمينان جوڳو قرار ڏنو. نائب وزيراعظم ربيع جي فصل جي موسم دوران ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي ۽ ڀاڻ جي مستحڪم پيداوار ۽ ذخيري کي يقيني بڻائڻ ??ي پڻ هدايت ڪئي.