اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د ??هب??ز شريف جي نمائندگي ڪندي سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات صديق الفاروق جي گهر ويو ۽ وزيراعظم پاران صديق الفاروق جي عيادت ڪئي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم مح??د ??هب??ز شريف پاران صديق الفاروق کي گلدستو پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم کي توهان جي صحت جي حوالي سان ڳڻتي آهي ۽ هن ان سلسلي ۾ توهان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم دعا ??ئي ته الله تعاليٰ توهان کي جلد مڪمل صحت سان نوازي ۽ توهان اڳ وانگر مسلم ليگ (ن) جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪريو. سينيٽر عرفان صديقي صديق الفاروق جي گهرواريءَ ۽ ڌيءَ کي چيو ته اهي صديق الفاروق جي صحت جي حوالي سان آگاهه رکن ۽ ڪنهن به خدمت جي ضرورت هجي ته رابطو ڪن. صديق الفاروق وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن ۽ صحت جي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيندي چيو ??ه منهنجي پاران وزيراعظم مح??د ??هب??ز شريف کي مبارڪ پيش ڪريو ته هن انتهائي مشڪل حالتن ۾ قوم جي ٻيڙي کي سنڀاليو آهي ۽ اڻٿڪ مح??ت جي ذريعي پاڪستان جي معيشت کي بهتري جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. هن سينيٽر عرفان صديقي جي اچڻ تي پڻ ٿورا مڃيا.