را??لپ??ڊي-04 ڊسمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عراق جي دوري دوران وزيراعظم محمد شياع الس??دا??ي، دفاع واري وزير ثابت محمد سعيد العباسي، گهرو وزير عبدالامير الشمري ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل عبدالامير رشيد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب انهن ملاقاتن دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جن ۾ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون ۽ موجوده علائقائي ماحول شامل آهن. ڌرين ٻطرفي ف??جي سهڪار کي سگهه ڏيڻ وارن طريقن جو به جائزو ورتو ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. عراق جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واک??ڻ ڪندي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني ف??ج جي قربانين جو اعتراف ڪيو، ان کان اڳ عراق جي هٿياربند فوج جي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.