اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ موسمياتي تبديلين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. معاهدو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آهي. معاهدي تي صحيحن واري تقريب اقتصادي معام??ن واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي معام??ن واري وفاقي وزير احد خ??ن چيمه ان معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي معام??ن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پاڪس??ان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان معاهدي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پاڪس??ان ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير احد خ??ن چيمه چيو آهي، ته معاهدي سان پاڪس??ان جي موسمياتي تبديلين جي قدمن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ مربوط حڪمت عملي تحت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪس??ان جي موسمياتي تبديلين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگر??م جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌل سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. معاهدي تحت پاڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي ۽ فني معاونت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي انداز ۾ ڪاٿو لڳائي سگهبو. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط قدم کڻي سگهبا.