اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ ??و امڪان آهي، جڏهن ته شام / رات ۾ گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خي??ر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري ??و امڪان آهي. خي??ر پختونخوا جي ميداني علائقن ۽ پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ سموگ/ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ، جڏهن ت?? صبح ۽ رات جي وقت ۾ سخت ڪوهيڙو پوڻ ??و امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب جا اڪثر علائقا سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا، جڏهن ته مٿانهين خي??ر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪ??ٽو 01 ۽ ڪلام ۾ 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.