رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي ??جل??س ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينهن جي آذربائيجان جي دوري دوران وزيراعظم باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي ??جل??س ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ٽرمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ ورتل ملڪن جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان ??جل??س ۾ وزيراعظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي ??جل??س ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي سربراهي ??جل??س کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان سان گڏوگڏ تاجڪ ??در امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي س??ڪر??ٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌند?? عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ آذربائيجان جي ??در پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزيراعظم پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن.