اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن عرب اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم اجلاس کي خطاب ۾ غزه ۽ فلسطين جي ٻين علائقن ۾ اسرائيل جي ظالماڻي ڪاررواين تي پاڪستان ج?? موقف پيش ڪندو. عرب اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي وزيراعطم جُون سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير ۽ مسلم ور??ڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن.