اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ خوارجي دهش??گر??ن جي فائرنگ ۾ ايف سي جي شهيد ٻن اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آ??ي ته اس??ن جون سموريون همدرديون شهيدن سان آهن، شهيدن جي پونئيرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. گذريل ڏينهن گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته شيهد سپاهي شير الرحمان ۽ شهيد سپاهي سيد امين جي عظيم قربانيءَ کي سلام پيش ڪريان ٿو. ٻنهي شهيدن دهش??گر??ن جي ناپاڪ عزمن کي خاڪ ۾ ملايو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمي سپاهين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آ??يون. هن چيو ته زخمي سپاهين جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي. ايف سي جي بهادر جوانن تي فخر آهي.