سرينگر-06 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائ??ن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين گذريل ڏينھن ڄمون جي شھيدن جي ڏھاڙي کي ان عزم سان ملهايو ته خوداراديت جي حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري رکنداسين. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري س??گھ?? جي فرسز، ڀارت جي فوج ۽ ھندو پرست قوتن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪشمر??ن جو ان وقت قتل عام ڪيو ھو جڏھن ڪشميري 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت ڪري رھيا ھئا. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ ت??ظيمن سرينگر ۾ جاري پنھنجي بيانن ۾ ڄمون جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انھن جو رت ضايع نه ڪرڻ ڏينداسين. ھن چيو ته ڄمون جي شھيدن ھڪ مقدس مقصد لاءِ پنھنجن جان??ن جو نذرانو پيش ڪيو ۽ انھن جي بي مثال قربانين کي وساري نه سگھبو. حريت جي اڳواڻن ۽ ت??ظيمن چيو ته 1947ع ۾ ڄمون جي مسلمانن جي دل ڏکوئيندڙ نسل ڪشي دنيا جو سڀ کان وڏو سانحو ھو جنھن ۾ لکين مسلمانن کي شھيد ڪيو ويو. هنن چيو ته شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بھترين طريقو اھو آھي ته انھن جي مشن کي منطقي انجام تائين پھچايو وڃي.