اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بيگم ??صر?? ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي کيس سياسي ۽ سماجي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قوم بيگم ??صر?? ڀٽو جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته بيگم ??صر?? ڀٽو هڪ بهادر عورت هئي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس قربانيون ناقابل فراموش ??هن ۽ سندس ڪيل خدمتن جي ڪري قوم هن کي مادر جمهوريت جهڙي خطاب سان نوازيو. بيگم ??صر?? ڀٽو جنهن بهادري سان مارش?? لا جي اونداهي دور جو مقابلو ڪيو تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بيگم ??صر?? ڀٽو اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جذبي ۽ پختي ارادي سان مشڪل کان مشڪل دور جو به ڄم?? منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بيگم ??صر?? ڀٽو جي زندگي هن قوم جي عورتن لاءِ مشعل راهه آهي.