رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. و??ير??عظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو صلاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي عرب جي دوري جي دوران و??ير??عظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاه??ن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاه??ن تي صحيحون ٿيون آهن. و??ير??عظم جي تازي سعودي عرب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پاڪستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پاڪستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪم شروع ٿي تيزي سان تڪميل طرف گ??مزن آهي. و??ير??عظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. و??ير??عظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.