لاهور -23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو کان حفاظت جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي پاران مختلف تقريبون منعقد ??يون وينديون جن ۾ صحت جا ماهر پوليو کان حفاظت بابت اپائن تي روشني وجهندا جڏهن ت?? عوام کي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪندا. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي موقعي تي پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف خانگي ۽ سرڪاري ادارن سميت صحت کاتي پاران خاص پروگرام منعقد ??يا ويندا. جڏهن ت?? پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان خاص پروگرام نشر ۽ مضمون شايع ڪي?? ويندا.