اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد اح??د المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، ع??ائ??ائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهمي?? تي زور ڏنو. هن سعودي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم مختلف عالمي پليٽ فارمز تي پاڪستان جي لاءِ سعودي عرب جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. سعودي عرب جي سفير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.