اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذ??ني صح?? جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??سا?? گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهو?? ٿا. اها ڳالهه هن ذهني صح?? جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر چيو ته اڄ ??سا?? ذهني صحت بابت بيداري ۽ ضرورتمندن کي مشاورت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت لاءِ دماغي صحت جو عالمي ڏين??ن ملهائي رهيا آهيون، هن سال جو موضوع ”ڪم تي ذهني صحت“ ڪم جي صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو ذهني صح?? جي حفاظت ۽ مدد ڪري ٿو. هن چيو ته صح?? جي عالمي اداري موجب دنيا جي اٽڪل 60 سيڪڙو آبادي افرادي قوت ۾ شامل آهي، ان لاءِ ڪم جي جڳهه تي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي. صدر چيو ته ڪم جي جڳهه هراسمينٽ ڪرڻ ۽ ڪم جون خراب حالتون نه رڳو پورهيتن جي ذهني صحت کي متاثر ڪن ٿيون پر پيداواري صلاحيت ۾ پڻ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿيون. تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته آجر ۽ ٻيون ڌريون ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ صحتمند ۽ سازگار ڪم جو ماحول ٺاهين. هن چيو ته پاڪستان ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هِن نيشنل مينٽل هيلٿ هيلپ لائين (1166) جي شروعات ڪئي آهي جيڪو پهچ جوڳي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??سا?? جي عزم کي واضح ڪري ٿو. صدر چيو ته اها هيلپ لائين ماڻهن کي ضروري خدمتن بشمول مقامي علاج جي سهولتن ۽ سپورٽ نيٽ ورڪ سان ڳنڍي ٿي. وڌيڪ اهو ته پاڪستان کي اهڙو پهريون ملڪ هجڻ تي فخر آهي جنهن بنيادي صح?? جي سارسنڀال ۽ ڪميونٽي ٻنهي سطحن تي ذهني صحت سميت ضروري صح?? جي خدمتن جي لاءِ پئڪيج تيار ڪيو آهي. هن چيو ته ٻين اهم قدمن ۾ ذهني صح?? جي لاءِ هڪ قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ شامل آهي جيڪو نگراني فراهم ڪري ٿو، ذهني تندرستي کي فروغ ڏيڻ ۽ ذ??ني مرضن کان متاثر ماڻهن جي بهتر سارسنڀال ۽ انساني حقن جي وڪالت ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ??سا?? مسئلي جو جلد پتو لڳائڻ جي لاءِ ذهني صح?? جي تعليم کي پڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيتي نصاب ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته ??سا?? پنهنجي قوم جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ ذ??ني صح?? جي سهولتن کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته ان ڏينهن هر هڪ کي صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ، پنهنجي پيارن سان ڳنڍي رکڻ ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ باقاعده جسماني سرگرمي ۾ مشغول رهڻ جي ترغيب ڏي ٿو. هن چيو ته ??سا?? گڏجي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي هڪ صحتمند قوم جي تعمير ڪري سگهو?? ٿا.