اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيوآهي ته 8 آڪٽوبر 2005ع جو زلزلو قوم لاءِ آزمائش هئي. قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو. ان جو مثال نٿو ملي . ??ذر??ل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان موجب 8 آڪٽوبر جي زلزلي جي ياد جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو. سڄي قوم 8 آڪٽوبر جي ??در??ي آفت دوران وڇڙي ويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي . سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي دوران سڄي قوم پنهنجي مصيبت ۾ ور??ل ڀائرن سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته ملڪي عوام جي ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرن کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو. ان ??در??ي آفت دوران آزاد ڪشمير ۽ اترئين علائقن جا اٽڪل 80 هزار کان به وڌيڪ ماڻهون شهيد ?? بي گهر ٿيا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان وقت متاثرين جي بحالي هڪ مشڪل مرحلو هيو پر قومي اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان بحالي جو اهو مشڪل ڪم ممڪن ٿيو.سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ به قوم کي 8 آڪٽوبر جي زلزلي کانپوءِ واري اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. اهڙي طرح پاڻ ۾ اختلافن کي وساري ملڪ کي درپيش چيلنجن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرائي سگهجي ٿو. سينٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني 8 آڪٽوبر 2005 ع جي زلزلي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ملڪ کي اهڙين آفتن مان محفوظ رکڻ جي دعا پڻ ڪئي.