اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير احمد بن علي الصيغ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو هن وقت برطاني?? جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هن او آءِ سي سان لاڳاپيل معاملن سان گڏوگڏ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو. نائب وزيراعظم 13 سالن جي وقفي کانپوءِ ايندڙ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪ – يو اي اي گڏيل وزارتي ڪميشن جو 12 هون اجلاس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي.