اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) قانون، ا??صاف ۽ پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ منڪي پاڪس جا ڪيس س??مهون اچڻ کانپوءِ انٽرن??شن?? فلائٽس ذريعي ايندڙن لاءِ اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جي سهولت آهي ۽ ڪٽس وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پاڪستان مڪمل محفوظ آهي. ڪالهه سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر ذيشان خانزاده پاران ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊبليو ايڇ او جڏهن منڪي پاڪس بابت ايمرجنسي لاڳ?? ڪئي ته وزيراعظم سمورين ڌُرين جي اجلاس جي صدارت ڪري بريفنگ ورتي. ايئرپورٽس تي انٽرن??شن?? فلائٽس جي اسڪريننگ جو نظام فعال ڪيو ويو آهي، هاڻ تائين 5 ڪيس س??مهون آيا آهن جيڪي پُراڻي قسم جا آهن ان مان ٻن مريضن کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ن??شن?? ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي انگ اکر جمع ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته هيءَ ڦهلجندڙ بيماري آهي، اسان وٽ ٽيسٽ جو نظام ۽ ڪٽس وڏي انگ ۾ موجود آهي، جيڪڏهن ايئرپورٽ تي ڪو ڪيس س??مهون آيو ته پوءِ ٽيسٽ کانپوءِ ان کي آئسوليشن ۾ موڪليو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ ماهر ڊاڪٽر ۽ وسيلا موجود آهن ۽ ه?? وقت اسان منڪي پاڪس کان محفوظ آهيون.