اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وف??قي وزير ڄ??م ڪمال خان چيو آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان جو وجود آهي. اهڙن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ شهيد ح??ال??ار محمد منير ??باسي ۽ سپاهي هارون وليم جي گهر سندن خاندانن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي واپار واري وف??قي وزير چيو ته شهيدن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. هن چيو ته قوم ح??ال??ار محمد منير ??باسي ۽ ٻين شهيدن جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي قيمتن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. ڄ??م ڪمال خان شهيد ح??ال??ار محمد منير ??باسي جي ٻارن کي سندن تعليم موجب سرڪاري نوڪري ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته ح??ال??ار محمد منير ??باسي شهيد جي ٻارن کي حڪومت گهر الاٽ ڪيو آهي ۽ جنهن سرڪاري ڪوارٽر ۾ هي پهرين رهندا هئا ان ۾ ئي کين رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي ڪوارٽر ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول ۾ تعليم جاري رکي سگهن. ح??ال??ار منير ??باسي 6 آگسٽ 2015ع تي دريابي واري هنڌ تي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيو، سندس هڪ پُٽ ۽ 3 نياڻيون آهن جيڪي پنهنجي پڦين سان هڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهن ٿيون.جڏهن ته سپاهي هارون وليم جي رهائشگاهه تي شهيد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي وف??قي وزير چيو ته اسان جيڪي پارليامينٽ ۾ وڏن وڏن عهدن تي ويٺل آهيون اسان جي ذميداري آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي قربانين جو احساس ڪريون ۽ سندن پونئيرن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. سپاهي هارون وليم ويجهڙ ۾ ئي 21 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿي ويو جنهن جي هاڻ شادي ٿي هئي ۽ سندس عمر 29 سال هئي. وف??قي وزير ??هيد جي ڪٽنب سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي وارثن کي هر قسم جي حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ڄ??م ڪمال خان سپاهي هارون وليم جي ??ال?? ۽ ڀاءُ سان به ملاقات ڪئي.