اسلام آب??د-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آه?? ته 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي قومي جرئت ۽ بهادري جي لازوال علامت جي حيثيت رکي ٿو، پاڪ فوج جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهادر، جرئت مند ۽ مضبوط ترين فوج ۾ ٿئي ٿو جيڪو نه رڳو پنهنجي ملڪ پر ??ڄي دنيا جي امن مشن ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ڪيترائي ڀي??ا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آه??. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 6 سيپٽمبر يوم دفاع پاڪستان جي قومي جرئت ۽ بهادري جي لازوال علامت جي حيثيت رکي ٿو. دش??ن ملڪ جي فوج 6 سيپٽمبر تي عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي اڌ رات جو مملڪت پاڪستان تي حملو ڪيو هو. پاڪ فوج ۽ بهادر عوام ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ آزادي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڀارتي فوج سامهون جرئت ۽ بهادري جو اهو مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. دش??ن ملڪ جي سمورن ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪ فوج جو شمار دنيا جي بهادر، جرئتمند ۽ مضبوط ترين فوج ۾ ٿئي ٿو، جيڪا نه رڳو پنهنجي ملڪ پر ??ڄي دنيا جي امن مشنز ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ ڪيترائي ڀي??ا پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي چڪي آه??. سينيٽ چيئرمين چيو ته هن ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مخالفت جي باوجود شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي نيوڪليئر پاور بڻائڻ جو بنياد رکيو. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سبب دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿي ڏسي سگهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان پنهنجي دفاعي قوت کي وڌيڪ بهتر بڻايو آه?? ته جيئن دش??ن کي ڀرپور جواب ڏئي سگهجي. پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي حوالي سان شهيد قائد عوام جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ عوام بي شمار قربانيون ڏنيون آه??، اسان سڀني کي پنهنجي فوج تي فخر آه?? جنهن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇليو ۽ دهشتگردن خلاف ڪيترائي آپريشن شروع ڪري دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ نوجوان سپوتن پنهنجي زندگين جو نذرانو پيش ڪيو جنهن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اڄوڪو ڏينهن پنهنجي شهيدن کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آه??. يوم دفاع پاڪستان ملهائڻ حقيقت ۾ دش??ن قوتن لاءِ ان پيغام جو ورجاءُ آه?? ته پاڪ فوج ۽ قوم 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جنهن عزم ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آه?? ۽ اها اڳتي به پنهنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي، اسان سڀ گڏجي قومي مسئلن ۽ درپيش چئلينجن جو مقابلو پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي رهنما اصولن، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل ڪري سرانجام ڏينداسين. هن چيو ته اچو ته محنت ۽ چاهه سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي فوج جي سپوتن کي سندن قربانين ، جرئت ۽ بهادري تي سلام پيش ڪريون ٿا.