اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪيمرون ??ي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هي?? اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن ج?? خودمختياري جي حق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي ??هر??ن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زي??و فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو.