اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس (نشان حيدر) جي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي ملڪ لاءِ شهيد پائليٽ جي لاز??ال قرباني کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي عظ??م قرباني وطن سان اڻ مٽ محبت، بي مثال جرئت ۽ لاز??ال عزم جو نه وسارڻ جوڳو مث??ل آهي. راشد منهاس جي عظ??م قرباني تي سڄي قوم اڄ به فخر ڪري ٿي. شهيد راشد منهاس ملڪي دفاع لاءِ پختي عزم ۽ غير معمولي بهادري جو مظاهرو ڪيو. محسن نقوي چيو ته شهيد راشد منهاس جي وطن سان محبت جي لاز??ال قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس قوم جو هيرو آهي، جيڪو سدائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.