سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سرينگر سميت مختلف ??لائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير م??ڊي?? سروس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عا??مي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير قانوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عا??م بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي مختلف ??لائقن ۾ لڳايا ويا آهن جن ۾ ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف ??ريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 واري قدم کي واپس ??ٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سياسي نظر بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.