اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) جرمني ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي مشتعل مظاهرين جي حملي ۽ قومي جهنڊي لاهڻ جي واقعي جي خلاف وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران ”حرمت پ??چم“ مهم جي شروعات ڪندي وفاقي وزيرن پاڪستاني جهنڊي سان گڏ ??صويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي وزيرن سوشل ميڊيا تي قومي جهنڊي سان والهاڻي محبت جا پيغام به لکيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير سردار اويس لغاري، عبدالعليم خا??، راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ سميت ٻين وزيرن به قومي جهنڊي سان گڏ ??صويرون سوشل ميڊيا تي جاري ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”چنڊ روشن چمڪندو رهي ستارو، سڀ کان اونچو هي جهنڊو اسان جو آهي، پاڪستان جي دشمنن کي واضح پيغام“ سان گڏ ??وشل ميڊيا تي تصوير پوسٽ ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر مصدق ملڪ، علي پرويز ملڪ ۽ ڄام ڪمال خا?? به قومي جهنڊي ۽ پاڪستان زندهه آباد جي پيغام سان گڏ ??صويرُون جاري ڪيُون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي چيو ته سياسي ڪارڪن، صحافي، دانشور، استاد، وڪيل، ڊاڪٽر، آبادگار، مزدور، شاگرد، ڪاروباري ماڻهو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ محب وطن پاڪستاني ۽ پاڪستاني نوجوان ”حرمت پ??چم“ مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته پاڪستان جو جهنڊو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ خودمختياري جي عل??مت آهي. پاڪستاني جهنڊو قوم جي اتحاد ۽ يڪجهتي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته آگسٽ پاڪستان جي آزادي جو مهينو آهي ”حرمت پ??چم“ جي ان مهم کي مسلسل جاري رکنداسين. حرمت پ??چم قومي ذميواري آهي ۽ هر پاڪستاني جو فرض آهي ته هو ان تي عمل ڪري. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي وفاقي وزيرن جي ”حرمت پ??چم“ مهم کي تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي.