اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دير ضلعي ۾ پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ن??ڪام بڻائڻ تي سي??يورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي بهادري ۽ جرئت کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پاڪ – افغان سرحد تي دهشتگردن جي خلاف وقت سر ڪارروائي تي پاڪ فوج کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته ملڪي دفاع، امن ۽ سلامتي جي لاءِ پوري قوم سي??يورٽي فورسز سان گڏ آهي.