اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ??رقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيور??ڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي ??هولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني جبل چاڙهو نائله ڪياني اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نائله ڪياني کي ويجهڙائي ۾ دنيا جي پنجين وڏي چوٽي مڪالو سر ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ هن کي ??عليم بابت پاڪستان ۾ اعزازي سفير ، جبل چاڙهو جي شعبي جي ترقي ۽ ان حوالي سان پيشيور??ڻي تربيت جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم کي ??ه ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هر شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته نائله ڪياني جو پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو جي حيثيت سان 8 هزار ميٽر کان بلند 11 چوٽيون سر ڪرڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ??رقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيور??ڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي ??هولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نائله ڪياني وزيراعظم جو ملڪ ۾ عورتن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. نائله ڪياني وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جبل چاڙهو جي شعبي ۾ خصوصي تربيت، هنر ۽ پيشيور??ڻي تعليم جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي ??نهن تجويزن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع لائحه عمل بڻائي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين ??اڻ?? مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.