اسلام آباد-19 جول??ءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير بنون ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ ??هيد سپاهي ثوبان جي جرئت کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته سپاهي ثوبان جان جي قرباني ڏئي بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو. شهيد سپاهي ثوبان هينڊ گرينڊ تي سمهي پنهنجي قيمتي زندگي مادر وطن تان قربان ڪئي ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سپاهي ثوبان جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. محسن نقوي چيو ته ق??م پنهنجي هيرو سپاهي ثوبان جي دليري کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيد سپاهي ثوبان جهڙي بلند حوصلي ۽ قومي جذبي سان ??مٽ??ر بهادر سپوٽن جي هوندي مڪار دشمن جي هر ڪڌي سازش ناڪام رهندي.