اسلام آباد – 11 – جول??ئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ منصوبن جي جلد تڪميل تي زور ڏيند?? چيو آهي ته صوبي جون پاڻي ضرورتون پوريون ڪرڻ، زراعت جي فروغ ۽ غذ??ئي تحفظ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڪڇي ڪينال جي جلد تڪميل ضروري آهي، صوب??ئي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ڳاله??ئي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي صوبي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٻڌايو. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي عوامي ڀل??ئي جي لاءِ صوبي ۾ جاري ترياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. صدر صوبي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان جي لاءِ صوب??ئي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.