اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه آذ??بائيجان جو صدر الهام عليوف 11 کان 12 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر الهام عليوف صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاق??تو?? ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ا??يد آهي ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ٿينديون. بيان موجب آذ??بائيجان جي صدر ج?? دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعاون ۽ قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جي عڪاسي ڪري ٿو.