ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ??ي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران ??اري بيان موجب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان ??ي گورنر ۽ وڏي و??ير سان مشاورت سان ??ڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ ??ي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان ??ان ??علق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان ??و گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهد??دا?? پڻ موجود هئا.