آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم معيشت ۽ س??امتي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ماحوليات جي تحفظ بابت معاهدي تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازقستان ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) اهم علائقائي ۽ عالمي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي مسئلن، چئلينجز ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ڪائونسل تعاون جي مختلف شعبن ۾ اٽڪل 20 فيصلن جي منظوري ڏني. آستانه پڌرنامي کي اختيار ڪر?? کانسواءِ سي ايڇ ايس ٽن بيانن کي اختيار ڪيو جن ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي، ويسٽ مئنيجمينٽ جو موثر انتظام ۽ س??ي پاڙيسري هجڻ جا اصول شامل آهن. ڪائونسل اقتصادي معاهدي تي ايس سي او جي لاڳاپيل وزيرن پڻ صحيحون ڪيون. سي ايڇ ايس سربراهي اجلاس دوران پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن جي ??ارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم گڏيل قومن جي مرڪزي هم آهنگي جي ??ردار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پراڻي تڪرارن کي پرامن طريقن سان ??ل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم غزه جي صو??تح??ل تي پاڪستان ??ي اصولي موقف کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان ??ي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ??ي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي ايس سي او جي پوري خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري ۽ ٽرانزٽ حب جي طور تي پڻ اجاگر ڪيو. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي ??يئرمين جي طور پاڪستان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ايس سي او جي سمورن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو.