اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) ا??غا??ستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني دوحه ?? گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ا??غا??ستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ ا??غا??ستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن ا??غا??ستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ا??غا??ستان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ا??غا?? عبوري حڪومت جي وچ ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال ا??غا??ستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان دراني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ ا??غا??ستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪ?? بابت پاڪستان جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي آمريڪا، چين،قطر، روس، ازبڪستان، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪستاني وفد پاڪستان، ا??غا??ستان، ازبڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ا??غا??ستان جي رستي پاڪستان کي ازبڪستان سان ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو جائزو ورتو ويو.