بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين توانائي، بئنڪنگ ۽ مالياتي شعبن ۾ تعاون کي ??ضبوط بڻائڻ ۽ رابطن جي منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي حمايت ڪرڻ ۽ ”اپ گريڊ ورزن“ بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. بيجنگ ۾ ٿيندڙ پاڪ چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئ??. ڳ??لهه ٻولهه دوران ڌرين اسٽريٽجڪ، اقتصادي، سياسي، دفاعي ۽ سلامتي، واپار، سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي ڊوميز ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. تقريب کانپوءِ جاري گڏيل بيان موجب گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين پنهنجي گڏيل مفادن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ، ٻنهي ملڪن جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي ??روغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ ??وش??الي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ چين اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ چين جي 8 وڏن قدمن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل طور تي ترقي جي لنگهه جي تعمير جي ذريعي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو هڪ ”اپ گريڊ ورزن“ جوڙن تي اتفاق ڪيو. ڌرين ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن، گوادر بندرگاهه، قراقرم هاءِ وي فيز ٽو جي ري الائنمنٽ، زراعت، صنعتي پارڪس، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مقامي حالتن موجب ٻين شعبن ۾ تعاون کي ??ضبوط بڻائڻ سميت اهم رابطن جي منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي صلاحيت کي ??ڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته دره خنجراب ٻطرفي واپار ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي ??روغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دره خنجراب جي سڄو سال کليل رهڻ کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت سميت مالي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، پاڪستان پنهنجي مالياتي شعبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ چين کي ساراهيو، ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآ??ري??و پارٽنر آهن ۽ ان حصيداري جو بنياد مضبوط دوستي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ اعتماد تي قائم آهي. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ڌرين ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاران طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ تي عملدرآمد ۽ سمورين سطحن تي مٽاسٽا کي ??روغ ڏينديون، رياستي نظم ۽ ضبط ۾ تجربي جي مٽاسٽا کي سگهه ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون کي ??ڌيڪ فروغ ڏيندا. چين پاڪستان کي ڪامياب عام چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين پاڪستاني حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته پاڪستان صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ نئين دور ۾ چين جي اهم ترقياتي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پاڪستان ون چائنا اصول تي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تائيوان سنڪيانگ، زي زانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. چين پاڪستان جي خودمختياري، قومي آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ، پاڪستان جي ترقي، دهشتگردي جو مضبوطي سان مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي وڏو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين هن سال 26 مارچ تي پاڪستان ۾ داسو هائيڊرو ??اور پراجيڪٽ جي چيني قافلي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته چين پاڪستان تعاون کي ??قصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي ته پاڪستان ڏوهارين کي ڳولڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو، وڌيڪ موثر حفاظتي قدم کڻندو ۽ پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي ??قيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. ڌرين هر قسم جي دهشتگردي ۾ ”زيرو ??الرنس“ رويي سان مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ هڪ جامع موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي ۾ تعاون کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين خلائي تعاون ۾ توسيع تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خلا جي پرامن ۽ گڏيل طور تي فائديمند ڳولا جي لاءِ ان کي ??ڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ، سمورن حل طلب تڪرارن جي حل جي ضرورت ۽ ڪنهن به هڪطرفي ڪارروائي جي مخالفت تي زور ڏنو. پاڪستان چين کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪيو، چين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تاريخي تڪرار کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفن معاهدن موجب مناسب ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پائيدار ترقي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ چين جي ڪوششن کي ساراهيو، ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن، گهڻ رخي ۽ آزاد واپار جي حمايت ۽ ”سمال سرڪلز“ ۽ ”بلاڪ ڪنفرنٽيشن“ جي مخالفت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن افغانستان جي معاملي تي رابطن کي ??ضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن انساني صورتحال ۽ اقتصادي ترقي جهڙن شعبن ۾ چئلينجز کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي مدد جي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ته جيئن افغانستان کي ??ڪ ٺوس سياسي ڍانچو ٺاهڻ، اعتدال پسند پاليسيون اختيار ڪرڻ، سٺي پاڙيسريت تي عمل ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي ??ضبوطي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري سگهجي ۽ اهو ته هو پنهنجي سرزمين کي دهشتگرد ڪاررواين جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏي. ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فلسطين اسرائيل تڪرار مان نڪرڻ جو بنيادي رستو ٻه رياستي حل ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل قرارداد کي ??انوني لحاظ کان فوري طور تي غيرمشروط ۽ پائيدار جنگبندي جي حصول جي لاءِ موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ??لسطين جي مسئلي ۾ فوري طور تي وڌيڪ احساس سان ڪوششن ۾ اضافي سان گڏوگڏ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جلد کان جلد امن ڳالهين جي بحالي جي لاءِ ڪوششون تيز ۽ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.