اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ وڌيڪ آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ريڊيو پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي، ريڊيو پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي، توانائي واري ??زارت کي درخواست ڪئي آهي ته ريڊيو پاڪستان کان بجلي جي بلن تي ڪمرشل ٽيرف چارج نه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اج??اس ۾ ڳالهائيندي چئي. ڪميٽي جو اج??اس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اج??اس ۾ ڪميٽي ميمبرن کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت ۽ ان جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل کاتن ۾ تجويز ڪيل سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پي ٽي وي جي مالياتي پلان جي حوالي سان ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي ۾ اٽڪل 4100 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، پي ٽي وي تي وڏي لائبلٽي پينشن جي هئي جنهن کي ڪنٽري بيوٽري ??نڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي کي وڌي?? ٻڌايو ويو ته بجلي جي بلن جي مد ۾ پي ٽي وي کي حاصل ٿيندڙ روينيو سان پي ٽي وي جا پروگرامز ۽ ٻيا خرچ پورا ڪيا وڃن ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي عام يوٽيوبرز جي ويور شپ تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي معياري ??روگرامز کي سوشل ميڊيا تي به اپ لوڊ ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي سوشل ميڊيا تي ويور شپ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جي پروڊڪٽس جي پبلسٽي جي لاءِ مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ کي بهتر ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات واري ??زارت پي ٽي وي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر هوندو آهي، ڪابينا جي منظوري سان ڪنهن به اهل شخص کي اداري جو سربراهه لڳائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت وٽ جڏهن اهو معاملو آيو ته اسان بهتر اهو ئي ??مج??يو ته اهو ڪم چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي، سليڪشن جي لاءِ اشتهار ڏيڻ جو ڊگهو پراسيس آهي جيڪو نگران دور ۾ ممڪن نه هو، مناسب اهو ئي ??مج??يو ته نئين پارليامينٽ ۽ حڪومت جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته اها پنهنجو استحقاق استعمال ڪندي. اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي نيشنل براڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي واحد چينل آهي جيڪو پوري ??اڪستان ۾ ڏٺو وڃي ٿو، پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به پي ٽي وي جي نشريات ڏٺي وڃي ٿي. پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي پي سي بي سان رجوع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس جي رائيٽس بابت موجوده ۽ گذريل چيئرمين پي سي بي سان ملاقات ٿي هئي. ڪميٽي کي ريڊيو پاڪستان جي نئين قدمن ۽ خصوصي پروگرامن بابت بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير چيو ته ريڊيو پاڪستان جو مينڊيٽ ماڻهن کي اطلاع جي فراهمي آهي. ريڊيو پاڪستان کان چارج ٿيندڙ بجلي جي بلن جي حوالي سان توانائي واري ??زير ۽ توانائي واري سيڪريٽري سان ميٽنگ ڪئي آهي، اسان توانائي واري ??زارت کي درخواست ڪئي ته ريڊيو پاڪستان کي بجلي جي بلن جي مد ۾ ڪمرشل اگهه چارج نه ڪيا وڃن. هن چيو ته ريديو پاڪستان ڪمرشل ادارو نه آهي، هي حڪومت تحت ڪم ڪندڙ ادارو آهي جنهن جو ڪم ماڻهن کي معلومات جي فراهمي آهي تنهن ڪري اسان کان ڪمرشل اگهه تي بل چارج نه ٿيڻ گهرجن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير ڪميٽي جي سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گرا?? وفاقي وزير سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سمورن اج??اسن ۾ شرڪت ڪئي آهي.