اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چو??ڊ ۾ حصو وٺندڙ ??مو??ين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چو??ڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ??وٽ??ن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽر اندر ڪنهن خاص اميدوار جي حق ۾ ووٽ وِجهڻ لاءِ ??وٽ?? جي حوصله افزائي يا ان کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ واري ??ينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽي??ن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.