ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سندس بيلجيئم جي هم منصب اليگزينڊرڊي ڪرووني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي ل??ڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، ع??لم?? چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ ع??لم?? اقتصادي فورمس جي موقعي تي بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊرڊي ڪرووني ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ اقتصادي ل??ڳاپن تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ع??لم?? چرپر ۽ لڏپلاڻ ۽ اعليٰ تعليم ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ع??لم?? ۽ علائقائي ??ورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.