اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پا??ستان چيو ??هي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ ??را??ن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پا??ستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضمانت ڏني هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهي. ترجمان چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پا?? طئي ڪرڻ جڪي قانوني حق جي توثيق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو هق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته پا??ستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ ??را??ن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.