اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر سان ب??وچ??تان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پوليس جي تشدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس کي مظاهرين جي خلاف سختي سان پيش ??چڻ نه گهرجي ها. نگرا?? وزيراعظم چيو ته گرفتاري مظاهرين کي ذاتي مچلڪن تي آز??د ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ صدر سان ب??وچ??تان جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ب??وچ??تان جي گورنر چيو ته پوليس کي مظاهرين سان تحمل ۽ همدرديءَ سان پيش ??چڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ويو ته پوليس کي حدن ۽ اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي ها. ب??وچ??تان جي گورنر چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي فوري آز??د ڪري. ٻنهي اڳواڻن ب??وچ??تان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.