اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??گر??ن وزيراعظم کي آزاد ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني. ??گر??ن وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي آزاد ڪشمير ۾ توانائي، پاڻي ذخيرن، انفراسٽ??ڪچ?? ۽ ٻين شعبن جي پراڻي مسئلن جي حل تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ??اڪ?? جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ ??گر??ن وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري دائود محمد باريچ پڻ موجود هو.