اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا قائم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه پاڪستان بحرين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ بحرين جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ثاقب رئوف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستاني سفارتخانا پاڪستان مان هنرمند ليبر فورس جي مٽاسٽا ۽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڪم ڪن. صدر چيو ته پاڪستان کان قابل قدر مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نامزد سفير بحرين سان ٻطرفي واپار ۽ ا??رادي قوت جي درآمد تي ڌيان ڏي. صدر چيو ته مختلف سماجي ۽ ا??تصادي شعبن خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت ۾ هنرمند افرادي قوت جي گهرج ??ڌي رهي ??هي. ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ بحرين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.