ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني نوجوانن کي ??لڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آه?? ته اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آه??، هاڻي پاڪستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاو?? هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آه?? ته اسان کي پورو يقين آه?? ته خوشحال، مضبو?? ۽ ??رقي پسند پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اسان جو نوجوان نسل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ خوشنصيب ??لڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آه??، تنهن ڪري پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جا نوجوان آه??. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نوجوانن جي صلاحيتن کي ??لڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو نه وڃايو. هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ نوجوانن کي جيتريون نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. قائد عوام ته نوجوانن جي هڪ و??ي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي حڪومت ۾ مليا هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ جي نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان مڪمل طور تي آگاهه آه??، نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. هن چيو ته نوجوان مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسين نوجوانن جي لاءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورو به ڪري ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پاڪستاني نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ??لڪ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آه??.