اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن م??ام??ن ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ??وقعي تي پرڏيهي وزير پنهنجي روسي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ان ??دم جي اهميت کي تسليم ڪندي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافي ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجن جو سبب بڻجندڙ عالمي غذائي سپلائي چين ۾ رڪاوٽ تي ان جي امڪاني اثرن کي تسليم ڪندي عمل جوڳي حل ڳولڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي ان سان ??ائدو پهچي جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ ۾ آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته بي ايس جي آئي ۾ شامل سموريون ڌريون انيشي ايٽو کي بحال ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهنديون. ان حوالي سان ??رڏيهي وزير سمورين ڌرين جي خدشن کي خت?? ڪندي معاهدي جي بحالي لاءِ عالمي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب کي يوڪرين ۽ ترڪيءَ جي پرڏيهي وزيرن، آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي سان بي ايس جي آئي تي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ان ????ام??ي تي روس جي موقف جو ا??هار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ????ام??ي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.