اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نئون اسلامي سال شروع ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محرم الحرام چار مقدس ۽ حرمت وارن مهينن ۾ شامل آه??، سڄي دنيا حرمت وارن انهن چئن مهينن کي امن جي فروغ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهي ٿي. نبي اڪرم ﷺ هن مبارڪ مهيني جي خصوصيت، فضيلت بيان فرمائي آه??. اسلام کان اڳ به هن مهيني جي حرمت هئي. رسول ڪريم ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين ??ليه جي شهادت به ان مهيني ۾ ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مهيني مبارڪ کي سڀني جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻائي. عبادتن ۽ روزن جي اهتمام جي تو??يق عطا فرمائي.