اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ واپڊا چيئرمين ملڪ ۾ جاري پن بجلي جي، گهٽ لاڳت توانائي پيدا ڪندڙ منصوبن جي حوالي سا?? وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب واپڊا چيئرمي?? وزيراعظم کي بشمول داسو، ديامير ڀاشا، مهمند ڊيمن، سمورن ميگا پراجيڪٽس تي تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. واپڊا چيئرمي?? وزيراعظم کي ملڪ جي پاڻي ذخيرن تي تازي برساتن جي اثرن بابت پڻ بريفنگ ڏني.