اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽي جي ڇپ ??يٺ??ن دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ في ڪس 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مارتنگ ضلعي شانگلا ۾ مٽيءَ جي ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿيندڙ 8 ٻارن جي گهرڀاتين جي لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. هن هر فوت ٿيندڙ ٻار جي گهرڀاتين جي لاءِ 10 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڇپ ڪرڻ سان زخمي ٿيندڙ شخص کي به وزيراعظم پاران مالي امداد ڏني ويندي. وزيراعظم مالي امداد جو اعلان پنهنجي صلاحڪار ۽ خيبرپختونخواهه ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر انج??يئ?? امير مقام جي درخواست تي ڪيو. انج??يئ?? امير مقام وزيراعظم کي خط لکي مارتنگ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي امداد جي اپيل ڪئي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف انج??يئ?? امير مقام کي متاثر خاندانن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.