لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪ??دي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگ?? ايندڙ هڪ ٻن ڏ??نهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ ج?? حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگ?? ايندڙ هڪ ٻن ڏ??نهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل اختيار ڪندي. وزيراعظم معاشي صورتحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ ج?? عزم جو ورجاءُ ڪ??و. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي بهتري چاهيون ٿا. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.