اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چشما پنج منصوبي سا?? 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعتن کي سستي بجلي ۽ عوام کي ر??ليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسان??ي تحفظ توانائي منصوبي جو حصو آهي، هي اهم منصوبو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چشما پنج تي معاهدي تي صحيحون ان منصوبي ??ي تعمير طرف هڪ وڏو قدم آهي جنهن سا?? سسٽم ۾ 1200 ميگاواٽ صاف، سستي ۽ قابل اعتماد ائٽمي بجلي شامل ٿيندي، اهو منصوبو صنعت کي سستي بجلي جي فراهمي ۽ عام ماڻهو کي ر??ليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي توانائي جي مڪس کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ اسان جي انرجي سيڪيورٽي پلان جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي مسلسل اعتماد ۽ اسان جي ماڻهن جي خوشحال مستقبل جي لاءِ چيني قيادت جا ٿورا مڃون ٿا، هي منصوبو 3.48 ارب ڊالر جي چيني سيڙپڪاري سا?? تعمير ڪيو ويندو، 2017ع ۾ صحيحون ٿيڻ کانوءِ کان مهانگائي جي باوجود چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪوآپريشن منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو نه ڪيو پر هن منهنجي درخواست تي 750 ملين آر بي ايم (30 ارب رپيا) جي رعايت ڏني. هن چيو ته پاڪ – چين مضبوط ڀائيچارو وڌيڪ مستحڪم ٿي ر??يو آهي ۽ هي اهم منصوبو ان گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيداري ۾ هڪ نئين رخ جو اضافو ڪندو.