اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي پنهنجي ف??انس جي سرڪاري دوري جي لاءِ اسلام آباد کان پيرس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي ف??انس جي دوري دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سربراه?? اجلاس پائيدار ترقي، توانائي جي متبادل ۽ قابل تجديد ذريعن، ماحوليات ۽ موسميا??ي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقبل ۾ عالمي مالياتي نظام ۾ تبديلين تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ مشاورت جو فورم ثابت ٿيندو. وزيراعظم سربراه?? اجلاس ۾ پاڪستان جي جي – 77 ۾ اهم ميمبر ۽ موسميا??ي تبديلي جي خراب اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ جي سربراهه طور خطاب ڪندو. وزيراعظم پيرس ۾ سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.