اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام عمران خ??ن جا ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي ??ڪي آهي، فوج ان جي ناهي هوندي جيڪو ان جي خلاف غليظ مهم هلائي، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪي ملڪ جي خلاف سازش ڪري. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام يقينن عمران خ??ن جو ڪوڙ، سازش ۽ تماشا ڄاڻي ??ڪي آهي، ان جي لاءِ هو ٻاهر نه نڪرندو، عمران خان گرفتار ٿيو ته فارن فنڊنگ، توشه خانه چو??ي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي ظاهر نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف جيترا ڪيسز آهن انهن سڀني ۾ هُو جوابدار آهي، عمران خان ذهني مريض آهي، ??ن جو ذهن شيط??ن جو گهر آهي، جيڪو هر وقت سازش جي لاءِ تيار رهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فوج ان جي ناهي هوندي جيڪو فوج جي شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائي ٿو، عوام ان جي ناهي هوندي جيڪو ملڪ جي خلاف سازش ڪري ٿو ۽ عوام کي بکيو ۽ بيروزگار ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن عمران خان تي حملو ٿيو ته پنجاب ۾ ان جي پنهنجي حڪومت ۽ ??ن جو پنهنجو وڏو وزير هو، جنهن ايف آءِ آر نه ڪٽي. عمران خان قاتلاڻي حملي جا الزام نه هڻي، ثبوت عدالت ۾ پيش ڪري.